شاهپور جمالي دڙو

شاهپور جمالي دڙو (ماڳ): هي ماڳ ڳوٺ ديدار جمالي، تعلقي شهدادڪوٽ، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي. هي ماڳ اتر ڊگھائي ڦاڪ "10 '54°27 ڊگريون ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ "30 '56°67 ڊگرين تي موجود آهي. هي دڙو چورس ۾ 200x200 ميٽرن جي ماپ رکي ٿو، جڏهن ته ان جي اوچائي 11 ميٽر آهي. هتان لڌل وٿن مان لڳايل اندازي مطابق هيءَ ڪا بستي هئي، جنهن ۾ 6 صدي عيسويءَ کان 11 صدي عيسويءَ تائين آبادي هئي. هيءُ دڙو هن وقت مقامي ڳوٺاڻا قبرستان طور استعمال ڪن ٿا، جنهن جي کوٽائي ٿيل ڪانه آهي. برسات ۾ مقامي ماڻهن کي ٺڪر جا ٿانو، ٺڪر جا رانديڪا ۽ ٽامي جا ڪٽيل سڪا لڀندا آهن، سڪا اسلامي دور سان واسطو رکن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو